قومي معاشي ترقيءَ ۾ نجي شعبي جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي: جنيد انوار چوڌري

اسلام آباد-11 جولاءِ (اي پي پي) فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر عاطف اڪرام شيخ جي اڳواڻيءَ ۾ وفد وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري سان ملاقات ڪئي. ايف پي سي سي آءِ طرفان جاري بيان موجب ملاقات ۾ پورٽس جي ڪارڪردگي، انفراسٽرڪچر ۾ بهتري، بليو اڪانومي، سيرپڪاري، گڏيل منصوبن ۽ بزند ڪميونٽي کي درپيش مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران وفاقي وزير …

اسلام آباد-11 جولاءِ (اي پي پي) فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر عاطف اڪرام شيخ جي اڳواڻيءَ ۾ وفد وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري سان ملاقات ڪئي. ايف پي سي سي آءِ طرفان جاري بيان موجب ملاقات ۾ پورٽس جي ڪارڪردگي، انفراسٽرڪچر ۾ بهتري، بليو اڪانومي، سيرپڪاري، گڏيل منصوبن ۽ بزند ڪميونٽي کي درپيش مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران وفاقي وزير چيو ته سامونڊي ترقي ۽ ملڪي معيشت ۾ نجي شعبي جو ڪردار اهم آهي. سامونڊي واپار ۽ اقتصادي ترقيءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ واپارين جي خدشن کي ختم ڪيو ويندو. ان موقعي تي چيمبر جي صدر عاطف اڪرام، وفاقي وزير کي بندرگاهن تي بزنس ڪميونٽيءَ کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته مضبوط معيشت ۽ سامونڊي ترقيءَ لاءِ سندن مسئلن جو حل اڻٽر آهي. هن چيو ته پاڪستان وچ ايشيائي رياستن لاءِ سامونڊي واپار جو بهترين ذريعو آهي. بندرگاهن جي انفراسٽرڪچر جي بهتري ۽ سامونڊي واپار کي هٿي وٺرائڻ سان اربين ڊالرن جو ناڻو حاصل ڪري سگهجي ٿو. عاطف اڪرام شيخ جديد مشنيري لڳائڻ سان ڪسٽمز ڪليئرنس جي وقت ۾ گهٽتائيءَ لاءِ قدمن جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو.

مزید خبریں