اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪوالالمپور ۾ 32هين آسيان ريجنل فورم (اي آر ايف) جي موقعي تي ڪمبوڊيا جي پرڏيهي وزير ۽ عالمي تعاون جي وزير پراڪ سوکون سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري، سمورين سطحن تي ڳالهه ٻولهه سان گڏوگڏ ثقافتي ۽ عوام جي وچ ۾ …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ڪمبوڊيا جي پرڏيهي ۽ عالمي تعاون جي وزير سان ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪوالالمپور ۾ 32هين آسيان ريجنل فورم (اي آر ايف) جي موقعي تي ڪمبوڊيا جي پرڏيهي وزير ۽ عالمي تعاون جي وزير پراڪ سوکون سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري، سمورين سطحن تي ڳالهه ٻولهه سان گڏوگڏ ثقافتي ۽ عوام جي وچ ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڪمبوڊين وزيراعظم جي پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي، دوري جي تاريخن جو تعين سفارتي ذريعن سان ڪيو ويندو.











