رياض-09 جولاءِ (اي پي پي) سعودي عرب جي ڪابينا ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي صدارت هيٺ جده ۾ منعقد ٿيل اجلاس ۾ پرڏيهين کي ملڪ ۾ ملڪيت ورهاست جو حق ڏيڻ لاءِ نئين قانون جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اجلاس دوران ولي عهد انڊونيشيا جي صدر برابووسوبيانتو سان ٿيل باضابطه ملاقات ۽ جرمن چانسلر فريڊرِش ميرٽز سان ٽيليفونڪ رابطي جي تفصيل کان ڪابينا کي آگاهه ڪيو. ان ڏس ۾ سعودي انڊونشيائي رابطا ڪائونسل جي پهرين اجلاس ۾ حاصل ٿيل نتيجن کي ساراهيو ويو، جنهن ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط لاڳاپن ۽ انهن کي هٿي وٺرائڻ جي عزم کي نمايان ڪيو. گڏوگڏ صاف توانائي، پيٽرو ڪيميڪل صنعت، ايوي ايشن فيول سروسز سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ نجي ادارن وچ ۾ معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحين جي آجيان ڪئي وئي. اجلاس کانپوءِ وقتي اطلاعات واري وزير ڊاڪٽر عصام بن سعيد ٻڌايو ته ڪابينا عالمي معيشت جي استحڪام ۽ ترقي لاءِ سعودي عرب جي ڪوششن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي، جن ۾ اوپيڪ پلس جي ميمبر ملڪن سان تعاون ۽ هم آهنگي جاري رکڻ شامل آهي ته جيئن تيل منڊين ۾ توازن برقرار رکي سگهجي. ڪابينا ان ڳالهه تي به خوشي جو اظهار ڪيو ته سعودي عرب نومبر ۾ گڏيل قومن جي صنعتي ترقي جي تنظيم (يونيدو) جي 21 هين جنرل ڪانفرنس جي ميزباني ڪندو، جنهن جو مقصد پائيدار صنعتي ترقي، جديديت ۽ فني منتقلي بابت عالمي چئلينجز لاءِ گڏيل حل پيش ڪرڻ آهي.