برسلز – 09 جولاءِ (اي پي پي) يورپ جي 12 شھرن ۾ گذريل ھفتي دوران ھيٽ ويو سبب 2،300 فوتگيون ٿيون آھن. پرڏيھي ميڊيا مطابق گذريل ھفتي ختم ٿيل سخت گرمي جي لھر دوران بار سلونا، ميڊرڊ، لنڊن ۽ ميلان سميت 12 يورپي شھرن ۾ گرمي سان لاڳاپيل سببن سبب اٽڪل 2،300 ماڻھن جون فوتگيون ٿيون آھن. رپورٽ مطابق جون مهيني جي آخري ھفتي ۽ جولاءِ جي پھرين ٻن ڏينھن ۾ اولھه يورپ جا وڏا حصا شديد گرمي جي لپيٽ ۾ ھئا، ان دوران اسپين ۾ گرمي پد 40 ڊگري سينٽي گريڊ کان وڌي ويو ۽ فرانس جي ٻيلن ۾ باھه لڳي وئي. امپيريل ڪالج لنڊن ۽ لنڊن اسڪول آف ھائيجين اينڊ ٽراپيڪل ميڊيسن جي سائنسدانن طرفان ڪيل جاچ مطابق ان عرصي دوران ٿيل 2،300 فوتگين مان 1500 جو تعلق ماحولياتي تبديلين جي اثرن کان ھو. جن گرمي جي لھر جي شدت ۾ اضافو ڪري ڇڏيو. امپيريل ڪالج لنڊن جي ماھر ڊاڪٽر مطابق ماحولياتي تبديلين ھيٽ ويو کي وڌيڪ وڌائي ڇڏيو آھي جنھن جي نتيجي ۾ اھا وڌيڪ خطرناڪ ٿي ويندي آھي. ماھرن مطابق ماحولياتي تبديلين جي اثرن ھيٽ ويو دوران گرمي پد ۾ 4 ڊگري سينٽي گريڊ تائين اضافو ڪيو. يورپي يونين جي ڪلائميٽ چينج سروس مطابق گذريل مھيني زمين جي تاريخ جو ٽيون گرم ترين جون مهينو ھو.