تھران – 09 جولاءِ (اي پي پي) ايران چيو آھي ته آمريڪا جي اختيارين سان ملاقات جي درخواست نه ڪئي آھي. پرڏيھي ميڊيا ايراني سرڪاري ميڊيا جو حوالو ڏيندي ٻڌايو آھي ته ايران جي پرڏيھي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي اعلان ڪيو آھي ته اسان ايٽمي ڳالھيون ٻيھر شروع ڪرڻ لاءِ آمريڪي اختيارين سان ڪنھن ملاقات جي درخواست نه ڪئي آھي. ھن وڌيڪ چيو ته ڳالھه ٻولھه ٻيھر شروع ڪرڻ لاءِ ھڪ شرط آھي. ھن وڌيڪ چيو ته اسان آمريڪا تي ڪيئن يقين ڪري سگھون ٿا؟ اسان ڳالھين ڏانھن واپس اچون ٿا پر اسان ان ڳالھين وچ ۾ ڪيئن يقين ڪري سگھون ٿا ته آمريڪا اسرائيل کي ايران تي ٻيھر حملا ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو.