رياض – 09 جولاءِ (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عھد ۽ وزيراعظم شھزاده محمد بن سلمان سان جده جي السلام پيلس ۾ ايران جي پرڏيھي وزير عباس عراقچي ملاقات ڪئي. پرڏيھي ميڊيا مطابق ملاقات ۾ ٻنھي ملڪن وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو ويو ۽ خطي جي صورتحال ۽ ان حوالي سان ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سعودي ولي عھد ان اميد جو اظھار ڪيو ته جنگ بندي جو معاھدو خطي ۾ سيڪيورٽي ۽ استحڪام برقرار رکڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ھن سفارتي حل جي حمايت جي حوالي سان سعودي عرب جي پائيدار موقف جو ورجاءُ ڪيو ۽ علائقائي تڪرار جي حل ۽ ڇڪتاڻ کي گھٽائڻ لاءِ ڳالھين جي اھميت تي زور ڀريو. ايران جي پرڏيھي وزير اسرائيلي جارحيت جي مذمت ۾ مملڪت جي موقف، خطي جي سيڪيورٽي ۽ استحڪام برقرار رکڻ جي حوالي سان سعودي ولي عھد جي ڪوششن کي ساراھيو.