واشنگٽن -08 جولاءِ (اي پي پي) اسرائيل جي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو چيو آهي، ته مڪمل طور تي آزاد فلسطيني رياست اسرائيل لاءِ خطرو بڻجي ويندي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات دوران اسرائيل جي وزيراعظم چيو ته عسڪريت پسند گروپ مڪمل طور تي آزاد فلسطيني رياست کي اسرائيل جي سلامتي کي نقصان پهچائڻ لاءِ استعمال ڪندا. هن چيو ته منهنجي خيال ۾ فلسطينين وٽ پاڻ حڪومت ڪرڻ جا سمورا اختيار هئڻ گهرجن، پر انهن وٽ اسان کي ڌمڪيون ڏيڻ جو ڪو به اختيار نه هجڻ گهرجي. ان جو مطلب اهو آهي ته فلسطين جي خودمختياري ۽ مجموعي سلامتي هميشه اسان جي هٿ ۾ هوندي. اسرائيل جي وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ به فلسطيني عسڪريت پسند گروپن غزه تي پنهنجو ڪنٽرول 7 آڪٽوبر 2023ع تي اسرائيل تي حملي ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو. هاڻي جيڪڏهن وري انهن کي هڪ ٻي رياست ڏني وئي ته اها اسرائيل کي تباهه ڪرڻ جو هڪ پليٽ فارم بڻجي ويندي. اسرائيل جي وزيراعظم چيو ته اسان پنهنجي انهن فلسطيني پاڙيسرين سان امن قائم ڪنداسين، جيڪي اسان کي تباهه نه ڪرڻ چاهيندا ۽ اسان هڪ اهڙو امن قائم ڪنداسين، جنهن ۾ اسان جي سلامتي، سلامتي جي خودمختيار طاقت هميشه اسان جي هٿ ۾ هجي.  ٿي سگهي ٿو ته ان تي ڪجهه ماڻهو چون ته اهڙي طرح ته فلسطين هڪ مڪمل رياست نه هوندو پر اسان کي ان جي ڪا به پرواهه ناهي ۽ اسان عهد ڪيو آهي، ته هاڻي ايئن ڪڏهن به ٿيڻ نه ڏينداسين. واضح رهي ته گڏيل قومون ۽ آمريڪا ڪيترن ئي ڏهاڪن کان فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل جي حمايت ڪري رهيا آهن، پر ڪجهه اسرائيلي سياستدان   ۽ آمريڪا جي حڪمران پارٽي ريپبلڪن پارٽي جا ڪجهه اڳواڻ ان کي غيرحقيقي قرار ڏئي رهيا آهن. گذريل مهيني آمريڪي پرڏيهي کاتي ٻين ملڪن کي فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ خلاف خبردار ڪيو هو ان باوجود نومبر 2024ع تائين گڏيل قومن جي اٽڪل 75 سيڪڙو ميمبرن جي نمائندگي ڪندي ، 140 کان وڌيڪ ملڪن فلسطين کي هڪ خودمختيار ملڪ طور تسليم ڪري رکيو آهي.