ڪيف، نيويارڪ – 04 جولاءِ (اي پي پي) يوڪريني صدر ولاوديميرز يلينسڪي اعلان ڪيو آھي ته اسان جي ملڪ ھڪ آمريڪي ڪمپني ”سويفٽ بيٽ“ سان معاھدو ڪيو آھي جنھن تحت ھلندڙ سال لکين ڊرون جھاز تيار ڪيا ويندا. پرڏيھي ميڊيا مطابق يوڪرين جي صدر سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي ڊنمارڪ جي دوري دوران لکيو ته اھو معاھدو دشمن جا ڊرون ۽ ميزائل تباھه ڪرڻ وارن ڊرونز، چار پنکن وارا جاسوسي ڊرونز ۽ ڊگھي فاصلي تائين مار ڪندڙ حملو ڪندڙ ڊرونز جي تياري تي ٻڌل آھي. ھن وڌيڪ چيو ته انھن سڀ جو انگ وڌيڪ وڌندو.