گڏيل قومون-03 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان هيٽي ۾ ڏوهاري گروپن جي پرتشدد ڪاررواين ۾ اضافي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته اها هيٽي جي سياسي استحڪام کي بحال ڪرڻ لاءِ فيصلائتو، اجتماعي ۽ فوري ڪم ڪري، گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نمائندي عاصم افتخار احمد تڪرارن سبب متاثر ڪيريبين ملڪ هيٽي جي باري ۾ بريفنگ دوران 15 رڪني سلامتي ڪائونسل کي ٻڌايو ته اڌورن قدمن جو وقت گذري چڪو آهي، هن زور ڀريو ته اهي گروهن جي قبضي مان پنهنجي اختيارن کي ٻيهر حاصل ڪرڻ لاءِ هيٽي رياست جي حمايت ڪن. هن چيو ته ڏوهاري گروهن جي قبضي هيٽي جي روڊن کي جنگ جي ميدان ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، قتل جي واقعن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، ڏوهاري گروهن ذريعي ٻارن جي ڀرتي ڪئي پئي وڃي ۽ معاشي تباهي ۽ بنيادي خدمتن جي ڀڃ ڊاهه سبب هيٽي جي لکين شهرين کي خوراڪ جي کوٽ درپيش آهي. سلامتي ڪائونسل جو گذريل ڏينهن باضابطه اجلاس جولاءِ جي مهيني ۾ پاڪستان جي صدارت ۾ پهريون اجلاس هو، پاڪستاني نمائندي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس جي صدارت ڪندي پنهنجي قومي حيثيت ۾ خيالن جو اظهار ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي هيٽي ۾ ڏوهن، تشدد ۽ خراب ٿيندڙ انساني صورتحال سبب ملڪ ۾ افراتفري واري صورتحال تي گهري ڳڻتي آهي، هن هيٽي جي استحڪام لاءِ سياسي اتحاد ۽ ذميواراڻي قيادت جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو. جيڪا قومي اتفاق راءِ کي هٿي وٺرائي، پاڪستاني نمائندي ملٽي نيشنل سيڪيورٽي سپورٽ (ايم ايس ايس) مشن لاءِ ڪينيا ۽ فوجي سهڪار ڪندڙ ملڪن جي عزم لاءِ حمايت جو اظهارڪندي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته اهو مشن مضبوط، وسيلن سان ڀرپور ۽ اثرائتو هوندو. هن چيو ته هيٽي جو عوام امن ۽ وقار سان خوف کان آجو ٿي زندگي گذارڻ جو حق رکي ٿو، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان هيٽي جي عوام کي سلامتي ۽ اميد فراهم ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ لاءِ سلامتي ڪائونسل اندر اتفاق راءِ قائم ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي.