پئرس-03 جولاءِ (اي پي پي)فرانس جي سول ايوي ايشن اٿارٽي ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولرز جي هڙتال سبب پئرس جي هوائي اڏي تي 40 سيڪڙو اڏامون رد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سول ايوي ايشن اٿارٽي ايئر لائنز کي چيو ته هو گذريل ڏينهن پئرس جي هوائي اڏن تي 40 سيڪڙو اڏامون رد ڪري ڇڏيندو ڇاڪاڻ ته هوائي ٽريفڪ ڪنٽرولرز جي هڙتال سبب ڏکڻ وارن علائقن ۾ اڳ ۾ ئي گرمين جي اسڪولن جي موڪلن جي موقعي تي شديد رڪاوٽون درپيش آهن. سول ايوي ايشن بابت ڊائريڪٽوريٽ جنرل خبردار ڪيو آهي ته پئرس جي هوائي اڏن کانسواءِ فرانس جي ٽئين وڏي شهر نيس جي هوائي اڏي تي اڌ اڏامون رد ڪيون وينديون. هن خبردار ڪيو آهي ته اهڙي طرح ليون، مارسيلي، مونٽ پيليئر، ايجا شيو ۽ فگاري ايئر پورٽس تي 30 سيڪڙو اڏامن کي رد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.