پيرس – 03 جولاءِ (اي پي پي) فرانس جي شھر پيرس ۾ گرمي سبب 2 ڄڻا فوت ٿي ويا آھن. پرڏيھي ميڊيا مطابق ماحوليات واري وزير جو چوڻ آھي ته ٻئي ماڻھو جن طبي سببن، جي ڪري فوت ٿيا آھن اھي گرمي جي لھر سان لاڳاپيل آھن. رپورٽ مطابق 1900ع کانپوءِ اھو فرانس جو ٻيون گرم ترين سال رڪارڊ ڪيو ويو آھي. فرانس ۾ شديد گرمي جي لھر ھلندڙ ھفتي ان وقت شروع ٿي جڏھن سڄو يورپ گرمي جي لھر جي پڪڙ ۾ اچي رھيو ھو ۽ گرمي پد رڪارڊ سطح تي پھچي ويو. فرانس ۾ گرمي سبب حڪومت 2 ھزار اسڪولن کي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ھو. ماحوليات واري وزير جو چوڻ آھي ته 300 کان وڌيڪ ماڻھو گرمي سبب متاثر ٿيا آھن جن کي طبي امداد ڏني وئي آھي جڏھن ته گرمي سان لاڳاپيل مسئلن سبب 2 ماڻھو فوت ٿي ويا.