ڍاڪا – 03 جولاءِ (اي پي پي) بنگلاديش جي ھڪ عدالت ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد کي توھين عدالت جو ڏوھاري قرار ڏيندي سندس غير موجودگي ۾ 6 مھينا قيد جي سزا ٻڌائي، جيڪو سندس برطرفي کانپوءِ پھريون فيصلو آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق 77 ورھين جي شيخ حسينه واجد آگسٽ 2024ع ۾ پاڙيسري ملڪ ڀارت فرار ٿي وئي ھئي ۽ ھن ڍاڪا واپس اچڻ واري عدالتي حڪمن کي نظر انداز ڪري ڇڏيو. چيف پراسڪيوٽر محمد تاج الاسلام عدالت جي فيصلي کانپوءِ صحافين کي ٻڌايو ته جنھن ڏينھن ھوءَ بنگلاديش واپس ايندي يا عدالت ۾ سرينڊر ڪندي، ان ڏينھن کان سزا لاڳو ٿيندي. اھو ڪيس انهن بيانن سان لاڳاپيل ھو جيڪو ڪيس مطابق شيخ حسينه اقتدار کان برطرف ٿيڻ کانپوءِ ڏنو ھو. جنھن ۾ ھن مبينه طور جاري عدالتي ڪارروائين ۾ گواھن کي ڌمڪي ڏني ھئي. تاج الاسلام مطابق پراسيڪيوشن ٽيم جو چوڻ آھي ته بيان مان انھن ماڻھن ۾ خوف جي فضا پيدا ٿي ھئي جن ڪيس داخل ڪيو ۽ جيڪي گواھه طور پيش ٿي رھيا ھئا. ساڳي ڪيس ۾ سندس پارٽي عوامي ليگ جي ھڪ مفرور اڳواڻ شڪيل اڪند ابلبل کي 2 مھينا قيد جي سزا ٻڌائي ھئي.