بيجنگ – 03 جولاءِ (اي پي پي) چين چيو آھي ته يورپي يونين سان گڏجي عالمي اختلافن جي پرامن حل کي ھٿي ڏيڻ ۽ عالمي مسئلن کي گڏيل طور حل ڪرڻ چاھيون ٿا. پرڏيھي ميڊيا مطابق چين جي پرڏيھي وزارت ويب سائيٽ جي حوالي سان ٻڌايو ته چين جو پرڏيھي وزير وانگ يي ٻنھي ڌرين کان گهڻ رخي ۽ آزاد واپار کي برقرار رکڻ، عالمي قائدن ۽ ضابطن جي حفاظت، عالمي تڪرارن جي پرامن حل کي ھٿي وٺرائڻ ۽ ماحولياتي تبديلي جھڙن عالمي چيلنجن کي منھن ڏيڻ تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي به زور ڀريو آھي. وانگ يي مطابق چين يورپي يونين سان شراڪت داري جي لاڳاپن کي ھٿي ڏيڻ، واپاري ۽ اقتصادي سھڪار کي وڌائڻ، گڏيل ڪشادگي کي مضبوط بڻائڻ، اختلافن کي ختم ڪرڻ ۽ گڏيل طور فائديمند نتيجن کي حل ڪرڻ لاءِ تيار آھيون. چين جي پرڏيھي وزير نوٽ ڪيو ته تيزي سان مونجهاري جو شڪار عالمي صورتحال ۾ چين ۽ يورپي يونين کي پنھنجن رابطن کي مضبوط ڪرڻ گھرجي، گڏيل اعتماد کي وڌائڻ گھرجي، ذميوارڻي پاليسين تي عمل ڪرڻ گھرجي ۽ دنيا ۾ ھڪ مستحڪم قوت طور ڪم ڪرڻ گھرجي.