نيويارڪ-03 جولاءِ (اي پي پي) هڪ نئين تحقيق ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته ٽرمپ انتظاميه طرفان آمريڪا جي پرڏيهي امداد کي ختم ڪرڻ جي فيصلي سبب دنيا جا سڀني کان وڌيڪ ڪمزور هڪ ڪروڙ 40 لک ماڻهو، جن ۾ وڌيڪ ٻار شامل آهن، 2030ع تائين موت جو شڪار ٿي سگهن ٿا. پرڏيهي خابرو اداري موجب ان تحقيق مشهور طبي رسالي دي لانسيٽ ۾ شايع ٿي آهي. آمريڪا جي بين الاقوامي ترقي بابت اداري (يو ايس ايڊ) سڄي دنيا ۾ 40 سيڪڙو کان وڌيڪ انساني امداد فراهم ڪري ٿو، پر جنوري ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي ٻيهر وائيٽ هائوس پهچڻ تي ان اداري کي عملي طور ختم ڪيو ويو، رڳو ٻن هفتن بعد ٽرمپ جي ان وقت جي ويجهي صلاحڪار ۽ دنيا جي امير ترين شخص ايلون مسڪ دعويٰ ڪئي ته هن يو ايس ايڊ جو خاتمو ڪري ڇڏيو آهي. تحقيق جي شريڪ ليکڪ بارسلونا انسٽيٽيوٽ فار گلوبل هيلٿ سان لاڳاپيل ڊيوڊ راسيلا خبردار ڪيو ته اهي ڪٽوتيون نه رڳو صحت جي شعبي ۾ گذريل 20 سالن کان اڳڀرائي کي اوچتو روڪي سگهن ٿيون پر ان جو خاتمو به ڪري سگهن ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته گهٽ ۽ وچولي آمدني وارن ملڪن لاءِ اهو جهٽڪو هڪ عالمي وبا يا وڏي جنگ جي برابر هوندو. 133 ملڪن جي ڊيٽا جي بنياد تي تحقيق ۾ اندازو لڳايو ويو آهي ته 2001ع کان 2021ع تائين يو ايس ايڊ اسرندڙ ملڪن ۾ 9 ڪروڙ 18 لک فوتگيون روڪيون. اهو انگ ٻي عالمي جنگ ۾ ٿيل فوتگين کان وڌيڪ آهي. جيڪڏهن آمريڪا پنهنجي امداد ۾ 83 سيڪڙو ڪٽوتي جاري رکي ته 2030ع تائين هڪ ڪروڙ 40 لک کان وڌيڪ ماڻهن جي موت ٿي سگهي ٿي انهن ۾ 45 لک ٻار به شامل آهن.