گڏيل قومون-03 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن جي عالمي موسمياتي تنظيم (ڊبليو ايم او) خبردار ڪيو آهي ته دنيا کي شديد گرمي جي لهرن سان جيئڻ سکڻو پوندو، ڇو ته انساني سرگرمين سبب پيدا ٿيل ماحولياتي تبديلي سبب ايندڙ هيٽ ويوز نه رڳو وڌيڪ شديد پر وڌيڪ ڀيرا ايندا. پرڏيهي خابرو اداري موجب تنظيم ٻڌايو ته يورپ جي اولهه ۽ ڏکڻ وارن حصن ۾ گرمي جي غير معمولي شروعاتي لهر هاڻي اتر ڏانهن وڌي رهي آهي، جنهن سبب لکين يورپي شهري غير معمولي گرمي پد جو شڪار آهن. گڏيل قومن گذريل ڏينهن پرتگال، يونان، ڪروشيا، جرمني، آسٽريا ۽ سوئٽزرلينڊ ۾ ان شديد گرمي کي ”خاموش قاتل“ قرار ڏيندي وارننگ جاري ڪئي،. تنظيم جي ترجمان جو چوڻ هو ته جولاءِ کي روايتي طور تي دنيا جو سڀني کان وڌيڪ گرم مهينو سمجهيو ويندو آهي پر گرمين جي موسم جي شروعاتي حصي ۾ ان شدت جي گرمي جو اچڻ غير معمولي ڳالهه آهي جتوڻيڪ ماضي ۾ ايئن اڳ به ٿي چڪو آهي. عالمي موسمياتي تنظيم زور ڀريو آهي ته شروعاتي تنبيهه ۽ مربوط منصوبابندي عوامي سلامتي لاءِ نهايت اهم آهن. تنظيم موجب انساني سرگرمين سبب پيدا ٿيل ماحولياتي تبديلي سبب هاڻي شديد گرمي جا واقعا وڌيڪ عام ۽ وڌيڪ خطرناڪ ٿي چڪا آهن ۽ اسان کي هاڻي انهن سان جيئڻ جو سليقو سکڻو پوندو.