نيويارڪ-03 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ پنهنجي هڪ نئين رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته مشهور ارب پتي ايلون مسڪ جي ٽيم کي هڪ حڪومتي اداري جي قيادت دوران آمريڪي وفاقي ادارن جي حساس ترين ڊيٽا تائين غير معمولي پهچ حاصل رهي. اهو ادارو ”حڪومتي ڪفايت شعاري جي قدمن بابت وزارت“ جي نالي سان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ قائم ڪيو هو جنهن جي قيادت پاڻ مسڪ ڪري رهيو هو. اخبار موجب مسڪ جي ٽيم 7 اهم آمريڪي ادارن جي ڳجهن سسٽمز تائين پهچ حاصل ڪئي جن ۾ دفاع وارو کاتو، ناسا، صحت وارو کاتو ۽ مالي صارفين جي تحفظ جي آفيس شامل آهن. حاصل ڪيل معلومات ۾ سرڪاري معاهدا، ڪاروباري راز ۽ مسڪ سان لاڳاپيل ڪمپنين خلاف داخل شڪايت جهڙا حساس نوعيت جا رڪارڊ شامل هئا.