بيجنگ-02 جولاءِ (اي پي پي) چين جو وزيراعظم لي ڪيانگ 17هين برڪس سربراهي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ 5 جولاءِ کان برازيل جو 4 ڏينهن جو دورو ڪندو. چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اربع ڏينهن ٻڌايو ته چين جو وزيراعظم لي ڪيانگ 5 کان 8 جولاءِ تائين برازيل جي شهر ريوڊي جنيرو ۾ ٿيندڙ 17هين برڪس سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. ترجمان وڌيڪ چيو ته چيني وزيراعظم لي ڪيانگ پنهنجي مصر جي هم منصب مصطفيٰ ڪمال مدبولي جي دعوت تي 9 کان 10 جولاءِ تائين مصر جو سرڪاري دورو ڪندو.