واشنگٽن – 02 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياھو 7 جولاءِ تي غزه ۾ جنگ بندي جي حوالي سان ملاقات ڪندا. پرڏيھي ميڊيا مطابق آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ترجمان ٻڌايو ته اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياھو جو ھڪ قابل اعتبار وزير رون ڊرمر واشنگٽن پھتو آھي جتي ھو امڪاني طور جنگ بندي بابت ڳالھيون ڪندو. ھن چيو ته اسرائيل جي اسٽريٽجڪ معاملن وارو وزير رون ڊرمر وائيٽ ھائوس ۾ آمريڪي اختيارين سان ملاقاتون ڪندو. آمريڪي اھلڪار ٻڌايو ته نيتن ياھو ايندڙ ھفتي واشنگٽن ايندو ۽ 7 جولاءِ تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات ڪندو. ھن وڌيڪ ٻڌايو ته اميد آھي ته ٻئي اڳواڻ ايران، غزه، شام ۽ ٻين علائقائي چئلينجن تي ڳالھيون ڪندا.