پيرس – 02 جولاءِ (اي پي پي) سڄي يورپ ۾ شديد گرمي جي لھر خطري جي گھنٽي وڄائي ڇڏي آھي. فرانس ۾ گرمي پد ۾ رڪارڊ ٽوڙ اضافو ٿيو آھي جنھن سبب پيرس ۾ ريڊ الرٽ جاري ڪيو ويو آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق ايفل ٽاور جي بلند ترين حصي کي عوام لاءِ بند ڪري ڇڏيو آھي جڏھن ته پيرس ۾ گدلاڻ پکيڙيندڙ ٽريفڪ ۽ تيز رفتاري تي سخت پابنديون لاڳو ڪيون ويون آھن. فرانس سميت يورپ جا ڪيترائي ملڪ جن ۾ اٽلي، يونان، بلقان ۽ ٻيٽ جھڙا آئبيرين شامل آھن، اھي ملڪ گذريل ڪيترن ئي ڏينھن کان شديد ھيٽ ويو جي لپيٽ ۾ آھن جنھن سبب صحت سان لاڳاپيل ايمرجنسي الرٽس ۽ ٻيلن ۾ باھه لڳڻ جي وڌندڙ خطرن لاءِ وارننگز جاري ڪيون ويون آھن. فرانس جي موسمياتي اداري ”ميٽيو فرانس“ مطابق سڄي ملڪ جا 16 علائقا شديد گرمي جي لپيٽ ۾ آھن جڏھن ته 68 علائقا بلند ترين گرمي پد سبب ٻي نمبر تي آھن. اڱاري ڏينھن گرمي پد 41 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهيو. جڏھن ته ايفل ٽاور جي آپريٽرز گرمي جي تازي لھر کي نظر ۾ رکندي ان جي بلند ترين حصي کي اڱارو ۽ اربع ڏينھن بند رکڻ جو اعلان ڪيو آھي جڏھن ته پھرين ۽ ٻي منزل تائين عوام جي پھچ برقرار آھي.