گڏيل قومون -27 جون (اي پي پي)گڏيل قومن جي ورلڊ فوڊ پروگرام (ڊبليو ايف پي) خبردار ڪيو آهي ته غزه ۾ روزانو جي بنياد تي 112 ٻارن کي شديد غذائي کوٽ درپيش آهي. ڊبليو ايف پي چيو آهي ته غزه پٽي ۾ اڪثر خاندان ڏينهن ۾ هڪ وقت جي کاڌي تي زنده آهن جڏهن ته هڪ ڀاڱي ٽي خاندان سڄو ڏينهن کائڻ پيئڻ کانسواءِ گذاري رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته بالغ ماڻهو معمول مطابق کاڌو ڇڏي رهيا آهن ته جيئن پوڙهن ماڻهن ۽ ٻارن کي کاڌو ملي سگهي ۽ جنوري کان سراسري روزانو جي بنياد تي 112 ٻارن کي شديد غذائي کوٽ درپيش آهي. ايجنسي وڌيڪ چيو ته خوراڪ جي ان شديد کوٽ سبب غزه جي ماڻهو روزانو جي بنياد تي پنهنجي جانين کي خطري ۾ وجهي خوراڪ جي گهٽ مقدار کائڻ تي مجبور آهن.