تهران-27 جون (اي پي پي) ايران جي گارڊين ڪائونسل هڪ قانون جي منظوري ڏني آهي جنهن تحت گڏيل قومن جي ايٽمي نگران اداري عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) سان سهڪار معطل رهندو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ترجمان چيو آهي ته تجويز ڪيل معطلي جنهن کي هاڻي قطعي توثيق لاءِ صدر مسعود پيز شڪيان ڏانهن موڪليو ويندو. اسلامي جمهوريه ايران جي قومي خودمختياري ۽ خاص طور تي يورينيم جي رچاءُ جي حوالي سان علائقائي سلامتي جي مڪمل احترام کي يقيني بڻائيندي. ايجنسي سان سهڪار جي معطلي سان گڏيل قومن جي معائنو ڪندڙن کي ايران جي فردو. اصفهان ۽ نظز ۾ يورينيم جي رچاءُ جي آپريشن تائين پهچ نه ملي سگهندي.