ويٽيڪن سٽي - 27 جون (اي پي پي) پوپ ليو چيو آھي ته وچ اوڀر ۾ تڪرار بي مثال ”ظالماڻي شدت“ کان وڌي رھيا آھن ۽ ھن خطي ۾ ڪم ڪندڙ ڪيٿولڪ بشپس ۽ امدادي ايجنسين جي نالي پنھنجن تبصرن ۾ عالمي قانون جي وڌيڪ احترام جي اپيل ڪئي. پرڏيھي ميڊيا مطابق ويٽيڪن ۾ ھڪ اجلاس ۾ پوپ چيو ته خطي جا ملڪ ”جنگن کان تباھي ۽ خصوصي مفادن جو …
پوپ ليو پاران وچ اوڀر جي تڪرارن جي شدت تي افسوس جو اظھار، عالمي قانون جي وڌيڪ احترام جي اپيل

مزید خبریں
ويٽيڪن سٽي – 27 جون (اي پي پي) پوپ ليو چيو آھي ته وچ اوڀر ۾ تڪرار بي مثال ”ظالماڻي شدت“ کان وڌي رھيا آھن ۽ ھن خطي ۾ ڪم ڪندڙ ڪيٿولڪ بشپس ۽ امدادي ايجنسين جي نالي پنھنجن تبصرن ۾ عالمي قانون جي وڌيڪ احترام جي اپيل ڪئي. پرڏيھي ميڊيا مطابق ويٽيڪن ۾ ھڪ اجلاس ۾ پوپ چيو ته خطي جا ملڪ ”جنگن کان تباھي ۽ خصوصي مفادن جو شڪار“ ٿي رھيا آھن ۽ انھن تي نفرت جا ڪڪر ڇانيل آھن جيڪي ماحول کي ناقابل برداشت ۽ زھريلو بڻائي رھيا آھن. ھن چيو ته اڄ پرتشدد تڪرار ھڪ اھڙي ظالماڻي شدت سان اڀري رھيا آھن جيڪي اڳ نه ڏٺا ويا آھن. غزه جي فلسطيني انڪليو ۾ انساني صورتحال ”المناڪ ۽ غير انساني“ آھي. ھن وڌيڪ چيو ته اھو نھايت پريشان ڪن آھي ته عالمي قانون ۽ انساني حقن جي طاقت ھاڻي ڪنھن کي پابند نه ٿي ڪري سگھي.











