گڏيل قومون-26 جون (اي پي پي) پاڪستان ليبيا جي سمورين ڌرين تي زرو ڀريو آهي ته هو سياسي مفاهمتي عمل ۽ ورهايل ملڪن ۾ ادارن جي اتحاد جي بحالي لاءِ هڪ واضح روڊ ميپ تيار ڪن. اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد ليبيا ۾ گڏيل قومن جي سپورٽ مشن (يو اين ايس ايم آءِ ايل) تي سلامتي ڪائونسل جي بريفنگ دوران چئي. هن خبردار ڪيو ته لاڳاپيل ڌرين کي هدف مقرر ڪرڻ کانسواءِ شروع ڪيل طريقيڪار سان فوري ڪم ڪرڻ جي ترغيب نه ملندي. پنهنجي رمارڪس ۾ پاڪستاني نمائندي پاڪستان طرفان طرابس ۾ مئي ۾ ٿيل جهڙپن ۽ هلندڙ مهيني جي شروع ۾ ٿيل جهڙپن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، جنهن ۾ نازڪ جنگ بندي کي نوٽ ڪيو ويو. هن چيو ته 15 رڪني سلامتي ڪائونسل کي ٻڌايو ويو ته اسان ليبيا جي سمورين ڌرين کي ان ڳالهه لاءِ حوصلا افزائي ڪريون ٿا ته هو ليبيا ۾ گڏيل قومن جي سپورٽ مشن جي حمايت سان جامع قومي ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪن. پاڪستاني نمائندي ان سلسلي ۾ گڏيل قومن جي ايلچي طرفان سلامتي ڪائونسل جي غور ويچار لاءِ روڊ ميپ پيش ڪرڻ جي ارادي جي آجيان ڪئي. هن چيو ته ان کانسواءِ سياسي مفاهمتي عمل کي سمورن شهرين کي امن فراهم ڪرڻ گهرجي ۽ قومي وسيلن جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائڻ گهرجي. هن چيو ته ليبيا جي عوام جي مضبوط دوست طور پاڪستان ليبيا جي خودمختياري، آزادي، علائقائي سلامتي ۽ قومي يڪجهتي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو. هن چيو ته اسان ان ڳالهه تي پڪو يقين رکون ٿا ته ليبيا جي قيادت هيٺ ۽ ملڪيت وارو سياسي عمل ئي ملڪ ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جو واحد رستو آهي. پاڪستاني نمائندي عالمي برادري تي زور ڀريو ته هو امن، مفاهمت ۽ قومي يڪجهتي جي سفر ۾ ليبيا جي حمايت جاري رکي.