گڏيل قومون-26 جون (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد عالمي اداري جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران هن جولاءِ لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايندڙ صدر جي حيثيت سان انتونيوگوتريش کي 15 رڪني ڪائونسل لاءِ تجويز ڪيل ورڪ پروگرام جي باري ۾ بريفنگ ڏني. پاڪستاني مشن جي هڪ پريس رليز موجب گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل …
گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش سان ملاقات

مزید خبریں
گڏيل قومون-26 جون (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد عالمي اداري جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران هن جولاءِ لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايندڙ صدر جي حيثيت سان انتونيوگوتريش کي 15 رڪني ڪائونسل لاءِ تجويز ڪيل ورڪ پروگرام جي باري ۾ بريفنگ ڏني. پاڪستاني مشن جي هڪ پريس رليز موجب گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد ۽ گڏيل قومن جي سربراهه ڪائونسل جي ايجنڊا تي امن ۽ سلامتي جي مسئلن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ وچ اوڀر جي صورتحال، آفريقا، يورپ، ايشيا ۽ لاطيني آمريڪا ۾ ٿيل اڳڀرائي ۽ ڪائونسل جي مقصدن کي هٿي ڏيڻ ۾ گڏيل قومن جي امن فوج جي اهم ڪردار تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پاڪستاني سفير گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن کي برقرار رکڻ ۽ تڪرارن جي پرامن حل ذريعي عالمي امن ۽ سلامتي کي هٿي ڏيڻ لاءِ ميمبر ملڪن وچ ۾ مسلسل مضبوط عزم جو ذڪر ڪيو. عاصم افتخار احمد پيچيده عالمي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اجتماعي ڪارروائي جي اهميت تي زور ڀريو ۽ گهڻ رخي ۽ سفارتڪاري کي اڳيان وڌائڻ جي سيڪريٽري جنرل جي ڪوششن لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته هن سلامتي ڪائونسل جي پنهنجي صدارت کي کليل، شفاف ۽ مشاورتي انداز ۾ انجام ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.











