رام الله-26 جون (اي پي پي) فلسطيني اٿارٽي جي صدر محمود عباس آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تعريف ڪندي چيو ته هن ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ جنگ بندي ڪرائڻ ۾ اهم ڪاميابي ماڻي آهي ۽ وچ اوڀر ۾ هڪ وسيع جنگ جي رستي ۾ رڪاوٽ پيدا ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب صدر ڊونلڊ ٽرمپ نالي لکيل خط ۾ هن سندس تعريف ڪندي اهو مطالبو ڪيو ته هو غزه ۾ اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ به جنگ بندي کي ممڪن بڻائي جيڪا آڪٽوبر 2023ع کان جاري آهي ۽ جنهن ۾ هن وقت تائين 56 هزار کان وڌيڪ فلسطيني اسرائيلي بمباري ۾ شهيد ٿي چڪا آهن، جن ۾ وڌيڪ انگ عورتن ۽ ٻارن جو آهي. هن چيو ته فلسطيني اٿارٽي آمريڪا سان گڏ ان سلسلي ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ڏاهپ ۽ اهليت سان خطي ۾ هڪ نئين تاريخ رقم ڪندو ۽ امن بحال ٿيندو جيڪو اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ ضروري آهي، جڏهن ته اسان جا ڪيترائي نسل ان کان محروم ٿي چڪا آهن.