بيجنگ-25 جون (اي پي پي) چين جي ڏکڻ اولهه صوبي گوئزو ۾ شديد ٻوڏ سبب 80 هزار کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿي ويا. پرڏيهي ميڊيا موجب ريسڪيو ٽيمن کي گوئزو جي ٻن متاثر علائقن ۾ مقرر ڪيو ويو آهي، جتي ٻوڏ تي ضابطو آڻڻ لاءِ هنگامي ردِعمل کي بلند ترين سطح تي پهچايو ويو آهي. رپورٽ موجب هڪ متاثر علائقي رونگجيانگ ۾ هڪ فٽبال گرائونڊ ۾ 3 ميٽر پاڻي بيٺل آهي جڏهن ته ڪجهه رهائشي عمارتن جون ٻه ٻه منزل ٻوڏ واري پاڻيءَ ۾ ٻُڏي ويون آهن. رپورٽ موجب گذريل ڏينهن تقريبن 80900 ماڻهو پنهنجي گهرن کي ڇڏي محفوظ ماڳن ڏانهن منتقل ٿي چڪا آهن. واضح رهي ته گذريل هفتي چين جي وچ واري صوبي هنان ۾ شديد برسات سبب هزارين ماڻهن کي محفوظ ماڳن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.