گڏيل قومون-25 جون (اي پي پي) فرانس خبردار ڪيو آهي ته ايران سان ايٽمي معاهدو نه ٿيڻ جي صورت ۾ فرانس ۽ سندس يورپي حصيدار ايران تي پابنديون ٻيهر لاڳو ڪرڻ لاءِ تيار آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي اجلاس ۾ فرانس جي سفير جيروم بونافونٽ 2015ع جي معاهدي جو مدو آڪٽوبر ۾ ختم ٿيڻ جي حوالي سان چيو ته وقت ختم ٿي رهيو آهي. هن چيو ته ايران مان اميد ڪريون ٿا ته هو مضبوط، تصديق جوڳي ۽ پائيدار سفارتي حل لاءِ بنا دير ڳالهين جي ميز تي واپس ايندو. فرانس جي سفير چيو ته ڳالهيون ئي واحد طريقو آهن جن جي ذريعي ايران جي عسڪري ايٽمي پروگرام جي ناممڪن هجڻ جي گارنٽي ڏئي سگهجي ٿي. هن خبردار ڪيو ته فرانس ۽ ان جي اي ٿري پارٽنرز (جرمني ۽ برطانيه) قرارداد 2231 تحت ڏنل جواز کي استعمال ڪرڻ لاءِ تيار آهن، ته هلندڙ گرمي جي مند تائين اعتماد جوڳو معاهدو طئي نه ٿيو ته پابنديون ٻيهر لاڳو ڪري سگهجن ٿيون.