تل ابيب-25 جون (اي پي پي) اسرائيل جي چيف آف اسٽاف ايال زامير چيو آهي ته ايران سان جنگ بندي لاڳو هجڻ باوجود اسرائيل جي مهم اڃان ختم ناهي ٿي. پرڏيهي ميڊيا موجب هن جنرل اسٽاف جي هڪ اجلاس ۾ چيو ته اسان هڪ اهم مرحلو مڪمل ڪري چڪا آهيون، پر ايران خلاف مهم جاري رهندي. ايال زامير چيو ته اسان هڪ نئين مرحلي ۾ داخل ٿي رهيا آهيون، جيڪو موجوده مهم جي ڪاميابين تي ٻڌل هوندو. اسان ايراني ايٽمي ۽ ميزائيل پروگرامن کي سالن لاءِ پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي ۽ اسان کي زميني موجودگي برقرار رکڻي پوندي.