ماسڪو-25 جون (اي پي پي) روس جي صدر ولاديمير پيوٽن هڪ نئون قانون منظور ڪيو آهي جنهن تحت رياست جي سرپرستي ۾ هڪ نئون ميسيجنگ ايپ تيار ڪيو ويندو، جيڪو حڪومتي خدمتن سان به مربوط هوندو. اهو قدم روس طرفان واٽس ايپ ۽ ٽيليگرام جهڙن غير ملڪي پليٽ فارمز تي گهٽ ڀاڙڻ جي ڪوششن جو حصو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب روس وڏي عرصي کان ان ڪوشش ۾ مصروف آهي ته …
روس پاران واٽس ايپ ۽ ٽيليگرام جي جاءِ تي نئون مقامي ميسيجنگ پليٽ فارم آڻڻ جو اعلان

مزید خبریں
ماسڪو-25 جون (اي پي پي) روس جي صدر ولاديمير پيوٽن هڪ نئون قانون منظور ڪيو آهي جنهن تحت رياست جي سرپرستي ۾ هڪ نئون ميسيجنگ ايپ تيار ڪيو ويندو، جيڪو حڪومتي خدمتن سان به مربوط هوندو. اهو قدم روس طرفان واٽس ايپ ۽ ٽيليگرام جهڙن غير ملڪي پليٽ فارمز تي گهٽ ڀاڙڻ جي ڪوششن جو حصو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب روس وڏي عرصي کان ان ڪوشش ۾ مصروف آهي ته هو ”ڊجيٽل خودمختياري“ جي نالي تي مقامي سروسز کي هٿي ڏي. اها ڪوشش ان وقت وڌيڪ تيز ٿي جڏهن فيبروري 2022ع ۾ يوڪرين ۾ روس جي فوجي ڪارروائي کانپوءِ ڪيترن ئي اولهه جون ڪمپنيون روس جي مارڪيٽ مان نڪري ويون. روس جي عملدارن جو چوڻ آهي ته نئين سرڪاري ميسيجنگ ايپ واٽس ايپ ۽ ٽيليگرام کان بهتري خاصيتون رکندڙ هوندي. جڏهن ته تنقيد ڪندڙ ان کي شهري آزادين ۽ نجي زندگي لاءِ خطرو قرار ڏئي رهيا آهن. ڊجيٽل حقن جي هڪ مشهور روسي تنظيم ”انٽرنيٽ پروٽيڪشن ايسوسيئيشن“ جي ڊائريڪٽر هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ خبردار ڪيو هو ته روس امڪاني طور تي واٽس ايپ ۽ ٽيليگرام جي رفتار گهٽ ڪري ڇڏيندو ته جيئن صارفين کي نئين ايپ طرف متوجهه ڪري سگهجي. اها اڳڀرائي اهڙي وقت ۾ ٿي آهي جڏهن روس پنهنجي مواصلاتي نظام کي ٻاهرين دٻاءُ کان آزاد ۽ مڪمل طور تي خودمختيار بڻائڻ لاءِ سرگرم نظر اچي رهيو آهي.











