دي هيگ-25 جون (اي پي پي) ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان نيڌرلينڊز جي شهر هيگ ۾ نيٽو جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي آمريڪي هم منصب ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات ڪئي جنهن دوران علائقائي ۽ عالمي مسئلن سميت ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ترڪيه جي ڪميونيڪيشنز ڊائريڪٽوريٽ موجب صدر اردوان آمريڪي هم منصب ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪوششن سان اسرائيل ۽ ايران وچ ۾ جنگ بندي جي آجيان ڪندي، ڊگهي مدي واري امن، غزه بحران جي خاتمي ۽ يوڪرين جي حوالي سان ڳالهين تي زور ڀريو. صدر رجب طيب اردوان توانائي، سيڙپڪاري ۽ دفاع ۾ خاص طور تي آمريڪا سان سهڪار جي مضبوط امڪانن کي اجاگر ڪندي چيو ته لاڳاپن کي اڳيان وڌائڻ سان 100 ارب آمريڪي ڊالرن جو واپاري هدف حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. صدر اردوان ۽ ڊونلڊ ٽرمپ ٻنهي اتحاد ۾ مُک اتحادين طور نيٽو جي ڊيٽرنس کي مضبوط ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو.