ابوظهبي-23 جون (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان، سلطنت عمان جي سلطان هيثم بن طارق، فرانس جي صدر ايمانويل ميڪرون ۽ اٽلي جي وزيراعظم جارجيا ميلوني سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهي رابطا تازو ايران تي آمريڪا جي ٿيل حملن کانپوءِ وچ اوڀر ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ واري صورتحال ۽ ان جي امڪاني سنگين اثرن جي تناظر ۾ ڪيا ويا، انهن رابطن جو مقصد خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي درپيش خطرن تي غور ڪرڻ ۽ ان جو امڪاني حل ڳولڻ هو. شيخ محمد بن زايد النهيان ۽ ڄاڻايل عالمي اڳواڻن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته موجود ڇڪتاڻ کي فوري طور تي ختم ڪرڻ لاءِ علائقائي ۽ عالمي سطح تي سفارتي ڪوششن ۾ تيزي آندي وڃي. هن مطابق موجوده بحران جو حل صرف ۽ صرف ڳالهه ٻولهه، تحمل ۽ سفارتڪاري ئي ضروري آهي. هن ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ته وچ اوڀر کي وڌيڪ بحرانن مان بچائڻ، ان جي عوام کي امن جي فضا فراهم ڪرڻ ۽ سڄي خطي ۾ سلامتي ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.