تهران – 22 جون (اي پي پي) ايران آمريڪي حملن کي چڙ ڏيارندڙ قرار ڏيندي چيو آهي ته ايران کي پنهنجي دفاع جو پورو حق حاصل آهي، آمريڪي حملن جا نتيجا هميشه باقي رهڻ وارا هوندا، آمريڪي حملا غير قانوني ۽ ڏوهاري رويي جو اظهار آهن. ايران جي پرڏيهي عباس عراقچي آمريڪي حملن کي چڙ ڏيارندڙ قرار ڏيندي انهن جي مذمت ڪئي آهي ته ايران کي پنهنجي دفاع جو پورو حق حاصل آهي. ايڪس تي جاري بيان ۾ ايراني پرڏيهي وزير چيو ته ايران تي آمريڪي حملن جا نتيجا هميشا باقي رهڻ وارا هوندا. هن چيو ته آمريڪي حملا غير قانوني ۽ ڏوهاري رويي جو اظهار آهن. هن چيو ته گڏيل قومن جي چارٽر مطابق ايران وٽ پنهنجي دفاع ۾ انهن حملن جو جواب ڏيڻ جو قانوني حق موجود آهي.