گڏيل قومون - 20 جون (اي پي پي)گڏيل قومن جي سالياني رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سال 2024ع ۾ غزه کان ڪانگو تائين تڪرارن جو شڪار علائقن ۾ ٻارن خلاف تشدد جو ڪو مثال نٿو ملي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش جي جاري رپورٽ مطابق 2024سال ع ۾ ڇڪتاڻ وارين حالتن دوران ٻارن خلاف تشدد غير معمولي سطح تائين پهچي ويو. 2023ع جي ڀيٽ ۾ سنگين ڀڃڪڙين …
غزه کان ڪانگو تائين تڪرارن جو شڪار علائقن ۾ سال 2024ع دوران ٻارن خلاف تشدد جو ڪو مثال نٿو ملي: گڏيل قومن جي رپورٽ

مزید خبریں
گڏيل قومون – 20 جون (اي پي پي)گڏيل قومن جي سالياني رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سال 2024ع ۾ غزه کان ڪانگو تائين تڪرارن جو شڪار علائقن ۾ ٻارن خلاف تشدد جو ڪو مثال نٿو ملي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش جي جاري رپورٽ مطابق 2024سال ع ۾ ڇڪتاڻ وارين حالتن دوران ٻارن خلاف تشدد غير معمولي سطح تائين پهچي ويو. 2023ع جي ڀيٽ ۾ سنگين ڀڃڪڙين جي انگن ۾ حيرت انگيز طور 25 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. رپورٽ ۾ 2024ع ۾ ٻارن خلاف 41 هزار 370 سنگين ڀڃڪڙين جي تصديق ٿي آهي، انهن مان 36221 ڀڃڪڙيون سال 2024ع ۾ جڏهن ته پنج هزار 149 ان کان اڳ جي عرصي ۾ رپورٽ ٿيون هيون پر ان جي تصديق 2024ع ۾ ٿي آهي. 30 سال اڳ مانيٽرنگ ٽول قائم ٿيڻ کانپوءِ اهو هن وقت تائين جو سڀ کان وڏو انگ آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 4 هزار 500 کان وڌيڪ ٻار فوت جڏهن ته 7 هزار زخمي ٿي چڪا آهن، تڪرارن ۾ ٻارن کي انڌاڌند حملن کي منهن ڏيڻو پيو آهي.











