واشنگٽن – 20 جون (اي پي پي) برطانيا چيو آھي ته ايران سان ايٽمي پروگرام تي سفارتي حل تائين پھچڻ لاءِ اڃا به وقت آھي ته جيئن وسيع تر تڪرار کي روڪي سگھجي. پرڏيھي خابرو اداري موجب اھا ڳالھه برطانيا جي پرڏيھي وزير ڊيوڊ ليمي گذريل ڏينھن وائيٽ ھائوس ۾ آمريڪي ھم منصب مارڪو روبيو سان ڳالهين بعد چئي. ھن پنھنجي فرانس، جرمني ۽ يورپي يونين جي ھم منصبن سان ايران جي پرڏيھي وزير عباس عراقچي سان ڳالھين لاءِ جنيوا پھچڻ کان ھڪ ڏينھن اڳ آمريڪا ۾ پنھنجي ھم منصب مارڪو روبيو ۽ آمريڪا جي خصوصي ايلچي اسٽيووٽڪوف سان ملاقات ۾ ڪئي. اھي ملاقاتون اھڙي وقت ۾ ٿيون آھن جڏھن يورپي ملڪ ايران جي ايٽمي پروگرام خلاف اسرائيلي بمباري کي نظر ۾ رکندي ڇڪتاڻ ۾ گھٽتائي جو مطالبو ڪري رھيا آھن ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تھران خلاف حملن ۾ شامل ٿيڻ يا نه ٿيڻ تي غور ڪري رھيو آھي. برطانيا جي پرڏيھي وزير واشنگٽن ۾ برطانيا جي سفارتخاني طرفان جاري بيان ۾ چيو ته وچ اوڀر جي صورتحال مسلسل خطرناڪ آھي. اسان پرعزم آھيون ته ايران وٽ ڪڏھن به ايٽمي ھٿيار نه ھجڻ گھرجن. ھن چيو ته اسان ان ڳالھه تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ته ايران کي وڌندڙ تڪرار کان بچڻ لاءِ ڪھڙي طرح ھڪ معاھدو ڪرڻ گھرجي؟ سفارتي حل حاصل ڪرڻ لاءِ ھاڻي ھڪ موقعو ايندڙ ٻن ھفتن ۾ موجود آھي. ھاڻي وقت اچي ويو آھي ته وچ اوڀر جي سنگين منظر کي روڪيو وڃي ۽ علائقائي ڇڪتاڻ کي روڪيو وڃي جنھن سان ڪنهن کي ڪو فائدو نه پوندو.