تهران-18 جون (اي پي پي) ايران جي پاسدارانِ انقلاب گذريل ڏينهن اسرائيل تي حملي ۾ پهريون ڀيرو هائپر سونڪ ميزائيل فتح ون استعمال ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ايران جي سرڪاري ٽي وي تي نشر ڪيل هڪ بيان ۾ پاسداران انقلاب جي هڪ ڪمانڊر چيو ته اسرائيل خلاف جاري آپريشن وعده صادق III جي يارهين لهر ۾ فتح – 1 ميزائيل استعمال ڪيا ويا. هن دعويٰ ڪئي ته ايراني فوج والاريل فلسطيني علائقن جي فضائن تي مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ان حملي کانپوءِ اسرائيل ۾ فضائي حملي جي سائرن جا آواز ٻڌا ويا. اسرائيلي فوج ايران طرفان حملي جي آگاهي جاري ڪندي چيو ته ملڪ جي فضائي حدن ۾ مداخلت سبب اتر اسرائيل ۾ سائرن وڄايا ويا.فوج سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي انهن علائقن جو نقشو به جاري ڪيو جتي ايراني ميزائيل حملي کانپوءِ خطري جا سائرن وڄايا ويا. رپورٽ موجب پاسداران انقلاب آپريشن جي تازه ترين مرحلي کي ٽرننگ پوائنٽ قرار ڏيندي چيو ته الفتح ميزائيل فائر ڪرڻ اسرائيل جي دفاعي نظام لاءِ پڄاڻي جي شروعات آهي. اسرائيلي فوج گذريل ڪجهه ڪلاڪن ۾ ميزائل حملي جي وارننگ جاري ڪندي ملڪ جي فضائي حدن ۾ داخل ٿيل ميزائلن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کانپوءِ هن شهرين کي آگاهه ڪيو ته هو محفوظ پناهگاهن مان نڪري سگهن ٿا. واضح رهي ته هائپر سونڪ مان مراد اهي هٿيار آهن جن جي رفتار عام طور تي آواز جي رفتار کان 5 کان 25 ڀيرا وڌيڪ هوندي آهي.