گڏيل قومون -17 جون (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته اسرائيلي قابض فوج جي حملن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 40 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن، جن مان اڌ آمريڪا جي حمايت يافته تنظيم غزه هيومينٽيرين فائونڊيشن کان خوراڪ حاصل ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا هئا، واقعي ۾ 200 ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن. غزه ۾ فوري جنگبندي جي ضرورت جو ٻه رياستي حل طرف وڃڻ جنهن ۾ غزه فلسطيني رياست جو اڻ ٽٽ انگ هو، اهڙي طرح پائيدار امن حاصل ڪرڻ ممڪن آهي. گڏيل قومن جي فلسطيني پناهگيرن بابت اداري (انروا) جي رپورٽ مطابق غزه ۾ خوراڪ حاصل ڪرڻ لاءِ آيل فلسطينين تي اسرائيلي حملن ۾ شهادت معمول بڻجي وئي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته جنگ سبب تباهه ٿيل انڪليو جي صورتحال ڏهاڙي خراب ٿي رهي آهي، جتي اسرائيلي فوج جي حملن جو نشانو اهي ماڻهو به ٿي رهيا آهن جيڪي گڏيل قومن يا ٻين ادارن ذريعي ملندڙ خوراڪ جي امداد حاصل ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيندا آهن. گذريل ڏينهن شهيد ٿيل فلسطينين مان اڌ کان وڌيڪ به اهڙي طرح شهيد ٿي ويا. واقعي ۾ 200 ماڻهو زخمي پڻ ٿيا. انروا جي سربراهه فلپ لازيني چيو ته غزه ۾ امداد جي ورهاست جو نظام موت جو ڄار بڻجي چڪو آهي، هتي پنهنجي بک ختم ڪرڻ لاءِ آيل ماڻهو موت جو شڪار ٿي وڃن ٿا. هن جو چوڻ هو ته خوراڪ حاصل ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيل ماڻهو ڪيترائي ڀيرا سڌي ريت فائرنگ سبب زخمي يا شهيد ٿي وڃن ٿا. هن مطالبو ڪيو ته اسرائيل تي خوراڪ کي هٿيار بڻائڻ ۽ جان بچائيندڙ امداد کي روڪڻ جو الزام لڳائيندي چيو ته خوراڪ جي ورهاست جي مرڪزن تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪندڙ مايوس شهرين تي خطرناڪ حملن جي فوري ۽ غيرجانبدار جاچ ڪئي وڃي.