مڪو شريف -16 جون (اي پي پي) الحرمين بابت سعودي عرب جي اداري مسجد الحرام جي دروازن تي مصنوعي ذهانت سان ليس جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال رش کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ اهم ثابت ٿي رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق جديد ترين اي آءِ سسٽم سان ليس ٽيڪنالاجي سان رش کي منظم طور تي سنڀالڻ جي سهولت ملي ٿي. جديد ترين سينسرز ۽ حساس ڪيمرائن جي مدد سان مسجد الحرام ۾ اچڻ ۽ ٻاهر وڃڻ وارن زائرين جي انگ جو درست اندازو ڪري سگهجي ٿو. انتظاميه کي اها سهولت ٿئي ٿي ته هو رش وارن هنڌن تي ماڻهن کي وڃڻ کان روڪي، ٻيو دروازو کولي ڇڏين ٿا. ته جيئن زائرين کي سهولت ٿي سگهي.