دبئي – 15 جون (اي پي پي) گڏيل عرب امارتن جي فضائي ڪمپني فلائي دبئي خطي ۾ موجوده صورتحال سبب 6 ملڪن لاءِ اڏامن کي رد ڪرڻ ۾ (اڄ) 16 جون تائين ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق فلائي دبئي جي ترجمان چيو آهي ته ايران، عراق، اسرائيل، اردن، لبنان ۽ شام لاءِ اڏامون 15 ۽ 16 جون تائين رد ڪيون ويون آهن . هن چيو ته خطي جي صورتحال تي نظر رکي آهي ۽ ان مطابق فلائٽ شيڊول ۾ ضروري تبديلي ڪئي ويندي. مسافرن ۽ عملي جو تحفظ اسانجي پهرين ترجيع آهي.