بغداد – 15 جون (اي پي پي) عراق جي حج مشن خطي جي غير معمولي صورتحال سبب عراقي حاجين کي زميني رستي ذريعي واپس وٺي وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق عراقي مشن طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته غير يقيني صورتحال سبب عراقي فضائي حدن جي بندش کانپوءِ سعودي عرب ۾ موجود حاجين کي حفاظت سان وطن واپس کڻي وڃڻ لاءِ بسن جو انتظام ڪيو پيو وڃي ته جيئن کين عرعر چيڪ پوسٽ ذريعي عراق واپس آڻي سگهجي.