رياض – 14 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گذريل ڏينهن ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق رابطي دوران ايران خلاف اسرائيل جي فوجي ڪارروائين سميت خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن صبر کان ڪم وٺڻ ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي، سمورن تڪرارن کي سفارتي ذريعن سان حل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هنن وچ اوڀر ۾ سلامتي، امن ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي اهميت جو به ورجاءُ ڪيو.