رياض – 14 جون (اي پي پي) اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) ۽ رابطه عالم اسلامي ايران تي اسرائيلي حملن جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته ڇڪتاڻ ۾ اضافو علائقائي امن، سلامتي ۽ استحڪام لاءِ سنگين خطرو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق او آءِ سي طرفان جاري بيان ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته ڇڪتاڻ ۾ اضافو علائقائي امن، سلامتي ۽ استحڪام لاءِ سنگين خطرو آهي. بيان ۾ عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل تي زور ڏنو ويو ته هو جارحيت جي خاتمي لاءِ فوري ۽ فيصلائتا قدم کڻندي پنهنجي قانوني ۽ سياسي ذميواريون پوريون ڪري. رابطه عالم اسلامي بيان ۾ خبردار ڪيو ته عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرناڪ نتيجن جو سبب به بڻجي سگهي ٿي. ان کان اڳ سعودي پرڏيهي وزير بيان ۾ ايران خلاف اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪئي هئي.