رياض – 14 جون (اي پي پي) خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جي آڇ جي بنياد تي حج ۽ عمري واري وزارت کي هدايت ڏني آهي ته هو ايراني زائرين جي سمورين ضرورتن کي پورو ڪري ۽ کين سموريون خدمتون فراهم ڪري جيستائين سندن ڪٽنب ڀاتين لاءِ حالتون صحيع ۽ محفوظ نٿيون ٿي وڃن. پرڏيهي ميڊيا مطابق سعودي ۾ ايراني سفير علي رضا عناتي پنهنجي ٽوئٽر اڪائونٽ ذريعي تصديق ڪئي آهي ته ايراني حاجين جي حوالي سان سعودي ڀائرن سان مڪمل هم آهنگي آهي ۽ اسان مسلسل رابطي ۾ آهيون. هن ان کان اڳ به ايران تي اسرائيلي حملن جي مذمت ڪرڻ تي سعودي عرب جي موقف کي ساراهيو هو. سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان پنهنجي ايراني هم منصب عباس عراقچي سان به ٽيليفون تي ڳالهايو آهي.