انقره-13 جون (اي پي پي) ترڪيه ايران تي اسرائيلي حملن جي مذمت ڪندي اسرائيل تي زور ڀريو ته هو ايران خلاف جارحاڻيون ڪارروايون بند ڪري. پرڏيهي خابرو اداري موجب ترڪ پرڏيهي وزارت ڪالهه جاري ڪيل بيان ۾ اسرائيلي فضائي حملن کي عالمي قانونن جي سراسر ڀڃڪڙي قرار ڏيندي انهن جي شديد مذمت ڪئي ۽ ان کي اشتعال انگيزي قرار ڏنو جيڪو خطي جي عدم استحڪام جي اسرائيل جي اسٽريٽجڪ پاليسي …
اسرائيل ايران خلاف جارحاڻيون ڪارروايون بند ڪري: ترڪيه

مزید خبریں
انقره-13 جون (اي پي پي) ترڪيه ايران تي اسرائيلي حملن جي مذمت ڪندي اسرائيل تي زور ڀريو ته هو ايران خلاف جارحاڻيون ڪارروايون بند ڪري. پرڏيهي خابرو اداري موجب ترڪ پرڏيهي وزارت ڪالهه جاري ڪيل بيان ۾ اسرائيلي فضائي حملن کي عالمي قانونن جي سراسر ڀڃڪڙي قرار ڏيندي انهن جي شديد مذمت ڪئي ۽ ان کي اشتعال انگيزي قرار ڏنو جيڪو خطي جي عدم استحڪام جي اسرائيل جي اسٽريٽجڪ پاليسي جي مفاد ۾ آهي. بيان ۾ چيو ويو ته اسرائيل کي پنهنجي جارحاڻن قدمن کي فوري طور بند ڪرڻ گهرجي جيڪي وڌيڪ تڪرار جو سبب بڻجي سگهن ٿا. ترڪ پرڏيهي وزارت چيو آهي ته حقيقت هيءَ آهي ته هي حملا اهڙي وقت ۾ ٿيا آهن جڏهن ايران جي ايٽمي پروگرام تي ڳالهيون تيز ٿي رهيون آهن، ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو جي حڪومت ڪنهن به مسئلي کي سفارتي ذريعن سان حل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ۽ هو پنهنجي مفادن لاءِ علائقائي استحڪام ۽ عالمي امن کي خطري ۾ وجهڻ جي خلاف ناهي. وزارت چيو ته اسان عالمي برادريءَ کان جنگ کي روڪڻ لاءِ فوري قدمن جو مطالبو ڪريون ٿا.











