بنڪاڪ – 13 جون (اي پي پي) ايئر انڊيا جي مسافر جھاز بم جي موجودگي جي اطلاع سبب ڦوڪٽ ايئرپورٽ تي ھنگامي لينڊنگ ڪئي آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق ٿائيلينڊ جي ڦوڪٽ انٽرنيشنل ايئرپورٽ تصديق ڪئي آھي ته گذريل ڏينھن ٿائيلينڊ جي تفريحي ٻيٽ ڦوڪٽ کان دھلي ويندڙ ايئر انڊيا جي اڏام ۾ بم جي موجودگي جي اطلاع ملڻ سبب جھاز ھنگامي لينڊنگ ڪئي آھي. اڏام اي آءِ 379 حفاظت سان لينڊ ڪري ورتو آھي، ايئرپورٽ انتظاميا ھنگامي صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ لاڳاپيل منصوبي تي عمل ڪيو.