تھران – 12 جون (اي پي پي) ايران چيو آھي ته اسان ايٽمي ھٿيارن لاءِ ڪوششون ناھيون ڪري رھيا، ايٽمي عدم پکيڙ جا حامي آھيون، طاقت جو مظاھرو حقيقتن کي تبديل نه ٿو ڪري سگھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق اھا ڳالھه ايران جي صدر مسعود پيز شڪيان ھڪ بيان ۾ چئي. ھن چيو ته ايران ايٽمي ھٿيارن کي حاصل نه ٿو ڪرڻ چاھي، دشمن ان تي حملو ڪرڻ لاءِ اندروني ڇڪٿاڻ کي ھوا ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن، اھڙين ڪوششن کي ناڪام بڻائي ڇڏينداسين. ھن زور ڀريو ته زبردست طاقت جو مظاهرو حقيقتن کي تبديل نه ڪندو، آمريڪي عسڪريت پسندي رڳو عدم استحڪام کي ھوا ڏئي رھي آھي. واضح رھي ته آمريڪا الزام لڳايو ھو ته ايران سان ڳالھيون ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ ايٽمي ھٿيار حاصل ڪرڻ جا منصوبا بڻائي رھيا آھيون، جڏھن ته ايراني صدر وضاحت ڪئي ته تھران ايٽمي ھٿيارن لاءِ ڪوشش نه پيو ڪري، آمريڪا ۽ يورپ سان ڳالھيون ته جاري آھن پر ڊڪٽيشن قبول نه ڪنداسين.