سکر-12 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج پاران ڀارتي جارحيت خلاف آپريشن بنيان المرصوص جي ڪاميابيءَ جي خوشيءَ ۾ ۽ پاڪ فوج سان يڪجهتي جو اظھار ڪرڻ خاطر يڪجهتي ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ سينٽرل ورڪرز يونين (سي بي اي) جي سيپڪو ملازمن جي وڏي انگ پاڪ فوج سان يڪجهتي واري ريلي ۾ شرڪت ڪئي. سيپڪو سرڪل آفيس کان نڪتل ريلي سکر پريس ڪلب پهتي جتي پاڪ فوج زنده باد، پاڪستان زنده باد جا نعرا هنيا ويا. ريلي ۾ شرڪت ڪندڙ ملازمن ۽ سيپڪو آفيسرن ۽ مزدور يونين جي اڳواڻن جي هٿن ۾ پاڪستاني جهنڊا هئا، ريلي جي اڳواڻي پاڪستان ورڪرز فيڊريشن جي سيد زاهد علي شاه، علي مردان شيخ، آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ سينٽرل ورڪرز يونين (سي بي اي) سيپڪو سکر جي خليل احمد ڊومڪي ۽ ٻين ڪئي. جڏهن ته ريلي ۾ سيپڪو جي آفيسرن به خاص طور شرڪت ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن ڀارتي حڪمرانن کي چئلينج ڪندي چيو ته جيڪڏهن هندستان پاڪستان تي جارحيت جي ڪوشش ڪئي ته ان کي ڀرپور ۽ مُنهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو.