حيدرآباد -11 مئي (اي پي پي) بين المذاهب هم آهنگي بابت قومي امن ڪميشن طرفان پاڪ ڀارت جنگ ۾ پاڪستان جي ڪاميابي تي هڪ پرجوش ريلي ڪڍي وئي. اها ريلي صوبائي صدر سلطان خاصخيلي جي سربراهي ۾ محمدي چوڪ کان پريس ڪلب ٽنڊو آدم تائين ڪڍي وئي. جنهن ۾ شهرين جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي. ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن جي هٿن ۾ قومي پرچم هئا،ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن دهل تي رقص ڪندي وطن سان محبت جو ڀرپور اظهار ڪيو . ان موقعي تي مٺايون پڻ ورهايون يون ۽ شرڪت ڪندڙن پاڪ فوج ۽ آرمي چيف کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. پريس ڪلب سامون منعقد ميڙاڪي کي شرڪت ڪندڙن چيو ته پاڪ فوج دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏئي پوري قوم جو ڪنڌ فخر سان بلند ڪيو آهي. هنن چيو ته ڀارتي جارحيت جو هميشه اثرائتو جواب ڏنو ويو آهي ۽ پوري قوم پاڪ فوج سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. ريلي جي پڄاڻي تي وطن جي سلامتي ۽ ترقي لاءِ دعا پڻ ڪئي وئي.