ڪراچي-10 مئي (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري آپريشن ”بنيان المرصوص“ تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ”بنيان المرصوص“ فوجي برتري، قومي غيرت ۽ اتحاد جي روشن علامت آهي. هن چيو ته پاڪستان امن جو علمبردار آهي، پر ڪنهن به جارحيت تي ماٺ رهڻ اسان جي پاليسي ناهي، اسان جو موقف آهي ته پاڪستان امن چاهي ٿو پر دشمن جي هر جارحيت جو ڀرپور جواب ڏيندو. گورنر ڪامران خان ٽيسوري هٿياربند فوج جي ڪامياب ڪارروائي جي واکاڻ ڪندي چيو ته پاڪ فوج دشمن کي واضح پيغام ڏئي ڇڏيو آهي ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري تي ڪا به سوديبازي نه ڪندو، اسان جي فوج جي حڪمت عملي تي ٻڌل ڪارروائي دشمن کي پيغام ڏئي ڇڏيو آهي ته پاڪستان فتح نه ٿيڻ جوڳو ملڪ آهي. گورنر ڀارتي جنونيت جي وڌندڙ خطرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي گڏيل قومن کان فوري نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو، ڇو ته هندستان جي جارحيت سڄي علائقي جي امن کي خطري ۾ وجهي رهي آهي. گورنر چيو ته سنڌ جي عوام وطن جي دفاع ۾ هر اول جٿي جو ڪردار ادا ڪندي، اسان پنهنجي فوج سان گڏ آهيون. پاڪ فضائيه جي جوابي ڪارروائي جي حوالي سان هن چيو ته مهارت ۽ حڪمت عملي جو مظاهرو ڪيو ويو، جيڪو سڄي قوم لاءِ فخر جو سبب آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ايئر فورس بهترين مهارت سان ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اسان جون دفاعي صلاحيتون ڪنهن کان گهٽ نه آهن.