اسلام آباد-18 اپريل (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ جي صدارت هيٺ ڪالهه نادرا عملدارن، ڪي پي ڪي ۽ پنجاب بار ڪائونسلز جي نمائندن جو اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وڪيلن جي ڪمپيوٽرائيزڊ رجسٽريشن ۽ ووٽر ويريفڪيشن بابت قدمن جو جائزو ورتو ويو. قانون ۽ انصاف واري وزارت جي ترجمان موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته نادرا ۽ لاڳاپيل بار ڪائونسلز وچ ۾ مفاهمت يادداشتن تي صحيحون ڪيون وينديون جنهن تحت وڪيلن جي رجسٽريشن جو عمل شفاف ۽ جديد گُهرجن موجب مڪمل ڪيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته اهي قدم نه صرف چونڊن کي شفاف ۽ منصفاڻو بنائڻ ۾ مدد ڏيندا پر وڪيلن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ اهم اڳڀرائي ثابت ٿيندا.