اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايف بي آر جي آفيسرن جي ڪارڪردگي جانچڻ جي لاءِ خودڪار، ڊيجيٽل نظام جاري ڪري ڇڏيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ايف بي آر هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو. وزيراعظم کي پرال، ڊيجيٽل انوائسنگ ۽ پرفارمنس مئنيجمينٽ سسٽم جي حوالي سان بريفنگ سان گڏوگڏ ايف بي آر جي نئين ڊيليوري يونٽ جو دورو ۽ آفيسرن سان ملاقات ڪرائي وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ايف بي آر ۾ ڊيٽا جي بنياد تي فيصلاسازي جو نظام متعارف ڪرايو پيو وڃي جنهن ۾ نادرا، بئنڪنگ ۽ ٻين شعبن کان ادائيگين ۽ اثاثن جي خريداري جي ڊيٽا ورتي پئي وڃي. ايف بي آر کي عالمي معيار سان هم آهنگ ڪرڻ ۽ ٽيڪس بيس ۾ اضافي جي لاءِ ايف بي آر جديد ۽ خودڪار نظام لاڳو ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي. وزيراعظم جي ايف بي آر جي سڌارن ۽ ڊيجيٽائيزيشن جي ويزن موجب پوري ويليو چين کي ڊيجيٽائيز ڪيو پيو وڃي. ان کانسواءِ ڊيجيٽل انوائسنگ جون سموريون تياريون مڪمل آهن جنهن کي جلد جاري ڪيو ويندو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته هلندڙ مالي سال جي لاءِ ٽيڪس گوشوارن کي وڌيڪ آسان ڪيو ويو آهي. نئين نظام تحت 35 کان وڌيڪ اهڙيون ڪمپنيون ٽيڪس نظام ۾ شامل ٿي ويون آهن. وزيراعظم ايف بي آر جي آفيسرن جي ڪارڪردگي کي بهتر ڪرڻ ۽ سزا ۽ جزا جي اصول کي نظر ۾ رکندي آفيسرن جي ڪارڪردگي جي جاچ جي لاءِ مڪمل طور تي خودڪار ۽ ڊيجيٽل نظام پڻ جاري ڪيو. نظام تحت آفيسرن جي ڪارڪردگي جانچڻ کانپوءِ انهن کي مالي فائدا ۽ ترقي ملي سگهندي. وزيراعظم کي ايف بي آر جي نئين قائم ڪيل ڊيليوري يونٽ جو دورو پڻ ڪرايو ويو جنهن ۾ آفيسرن سان ملاقات سان گڏوگڏ وزيراعظم نظام جو جائزو پڻ ورتو. وزيراعظم نظام کي ساراهيندي چيو ته ايف بي آر ڊيليوري يونٽ جا آفيسر ملڪ ۽ قوم جو قيمتي اثاثو آهن. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته اهي آفيسر ملڪ جي ٽيڪس نظام کي موجوده گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ ۽ ملڪي آمدني ۾ اضافي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندا.